اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ??رست حڪمت ??ملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ??ري??و آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سا??هو?? آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ??ري??ي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ??ري??و هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.