اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته ڪابينا ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ، لاهور سميت 5 شهرن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا جي سمري ۽ قانوني مواد جي ڊيجيٽلائيزيشن سان 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي، ڪابينا ۾ ڦيرڦار حتمي مرحلي ۾ آهي، مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين سان سڌارن تي ڳالهه ??ولهه ??اءِ تيار آهيون، مطالبن تي ڳالهه ??ولهه ??ي سگهي ٿي جڏهن ته ڪو گروهه ??اڪستان کي ڊڪٽ??ٽ نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي ڪاغذي ڪارروائي جي ڊيجيٽلائيزيشن مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن سان قومي ناڻي کي 51 ڪروڙ رپين جي بچت ٿيندي.