اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر آهي، پاڪستان 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، پاڪستان پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تح??ظ ۽ ماڻهن ??ي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي اهو ا??زاز مليو آهي ته هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو ا??ان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن ??يو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن ??يو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن ??ي گرين روزگار سان لڳايو ??يو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ ج?? ويزن تحت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون. هن ??يو ته پاڪستان دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ ج?? چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن ??يو ته پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن ??انپوءِ هاڻي قومي پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،