اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ ل??رائي هئي ۽ هاڻي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آ??ي. وفاقي وزير وڌيڪ چي?? ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مهرباني ڪري ??اص ط??ر تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.