اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن ??ور??ل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وز??را??ظم جي هدايت تي سٽيزن ??ور??ل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وز??را??ظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وز??را??ظم عمران خان جي هدايت تي وز??را??ظم ڊيليوري يونٽ ??دايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن ??ور??ل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وز??را??ظم آفيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.