اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانستان تائين پهچ جي لاءِ ??اڪ??تان اهم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي، ??اڪ??تان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، ??اڪ??تان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، ??اڪ??تان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪ??تان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ ??اڪ??تان جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خا??رو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته ??اڪ??تان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اڪ??تان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانستان تائين پهچ جي لاءِ ??اڪ??تان اهم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغانستان جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته ??اڪ??تان انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ مدد ڪرڻ تي ??اڪ??تان جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خا??رو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪ??تان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.