اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته وڏو عرصو خساري ۾ رهڻ کانپوءِ هن سال پاڪستان ٽيلي ويزن 1.3 ارب روپيا منافعو ڪمائي رهي آهي.
پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دورن جي التوا جي ڪري اسان جو 30 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، مون کي اميد آهي ته ايندڙ سال اسان منافعي جا سمورا رڪارڊ ٽو??ي ڇڏينداسين. هن پي ٽي وي جي مينيجمينٽ ۽ ورڪر?? کي ان ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.