فيصل آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪري درپيش عوام جي مشڪلاتن جي چڱي ريت خبر آهي ۽ جيتوڻيڪ مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي پر اسان ڪوشش ڪري رهيا آه??ون ته ان جا گهٽ ??ان گهٽ اثر عوام تائين منتقل ٿين تنهن ڪري انهي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيرا??ظم عمران خان سعودي عرب جي دوري کانپوءِ فوڊ سپورٽ پروگرام جو اعلان ڪندو جنهن ۾ محدود وسيلن واري طبقي جي لاءِ خصوصي مراعتون ڏن??ون وينديون. ڊي ٽائيپ ڪالوني فيصل آباد ۾ آسا سنگهه پارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيرا??ظم جو سعودي عرب جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي، سعودي عرب سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ وزيرا??ظم جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن تي وڌيڪ ڏورس اثر پوندا. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر مهانگائي جي آڙ ۾ احتجاج ڪري انارڪي پکيڙي رهي آهي جڏهن ته مهانگائي جا اصل ذميوار اهي ئي ماضي جا حڪمران آهن جن ملڪ کي ڦري ان مقام تائين پهچايو آهي. هن چيو ته هو انهن ??ان پڇن ٿا ته انهن وٽ اها ڪهڙي گيدڙ سنگهي آهي جو انهن جا 18، 18 سالن جا ٻار لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي اثاثن، اربين رپين جي جائيدادن ۽ اربين رپين جي ڪاروبارن جا مالڪ آهن جڏهن ته پاڪستاني قوم جا 18، 18 سالن جا ٻار تعليم ۽ روزگار جي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن جڏهن ته انهن جي عقل ۽ شڪل??ون به اڳوڻن حڪمرانن جي ٻارن ??ان بهتر آهن. هن چيو ته اڳوڻا حڪمران ٻاهرئين ملڪ بنگلا ٺاهي رهيا هئا پر عمران خان ماضي جي حڪمرانن جي ابتڙ غريبن جي لاءِ گهر ٺاهي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت غريب عوام کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جيڪو حڪومت جو اهم پروگرام آهي ۽ خيبرپختونخواهه سميت پنجاب جي ٻن ڊويزن ساهيوال ۽ ڊي جي خان ۾ سئو سيڪڙو ماڻهن کي اها سهولت ملي وئي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ لاهور ۽ فيصل آباد سميت صوبي جي سمورن ضلعن جي سمورن خاندانن کي 10 لک رپين تائين جي علاج جي سهولت ملي ويندي جيڪا دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي پر ان سان گڏ ئي هو بلاول کي به چوي ٿو ته سنڌ جي عوام به آخر انسان آهي ان لاءِ انهن جو به حق آهي ته انهن کي به اهڙي سهولت ملي پر جتي چورن، ڌاڙيلن، قبضا مافيا، ٽينڪر مافيا جو راڄ هجي جتي 13 ارب رپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي وڃن ٿا اتي ڪنهن خير جي اميد نه آهي، ان لاءِ سنڌ جي عوام کي به گهرجي ته اها 13 سالن ??ان سنڌ جي اقتدار تي قابض حڪمرانن ??ان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ اٿي بيهي. فرخ حبيب چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ فيصل آباد ٽيڪسٽائيل انڊسٽ??ي ۽ پاور لومز سيڪٽر جو قبرستان بڻجي ويو هو پر اسان جي حڪومت ٻيهر انڊسٽري کي هلايو جنهن سان هاڻي اسان وڏي مقدار ۾ پنهنجي ٽيڪسٽائيل مصنوعات برآمد ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو اسان ڀاڻ جو هڪ بيگ به امپورٽ نه ڪيو پر سالن ??ان بند فرٽيلائيزر پلانٽس کي گئس ۽ ٻ??ون سهولتون فراهم ڪري ملڪي ضرورت موجب ڀاڻ تيار ڪيو، انهي لاءِ هاڻي پاڪستان ۾ ڀاڻ جي ڪا کوٽ نه آهي ۽ ڀاڻ جي ٻوري 18 سئو رپين ۾ ملي رهي آهي جنهن جي پرڏيهي ملڪن ۾ قيمت 7000 رپين تائين آهي. هن چيو ته آبادگارن جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جي ذريعي سبسڊي جي فراهمي جاري آهي ۽ ڀاڻ جي قيمت ۾ پهر??ون ڀيرو استحڪام آندو ويو آهي نه ته 1800 واري ڀاڻ جي ٻوري ٻاهران 7000 ۾ امپورٽ ڪرڻي پوي ها ته ڇا ٿئي ها. هن چيو ته اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ پڻ وڌي آهي. هن چيو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته 30 سالن ۾ پهر??ون ڀيرو زراعت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اسان خوراڪ جي حوالي سان سرپلس ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته هن ڀيري ڪمند 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيو آهي ٻئي طرف ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو، مڪئي ۾ 18، چانور ۾ 18 ??ان 20 سيڪڙو اضافي جا ڪارائتا نتيجا حاصل ٿيندا ۽ ملڪ فوڊ ۾ سرپلس ٿي ويندو. هن چيو ته حڪومت جا تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبا به تيزي سان جاري آهن ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پاران به فيصل آباد جي لاءِ 13 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي جنهن سان فيصل آباد وڌيڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿيندو.