اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان اس??ريٽجڪ حصيداري جو خوا??شم??د آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊونيشيا سان اس??ريٽجڪ حصيداري جو خوا??شم??د آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پاڪست??ن ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خوا??شم??د آهي. پاڪست??ن ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثاب?? ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.