ا??لا?? آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري واري حق لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ق??من کي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ج??گي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قبضي هيٺ ڪشمير ۾ گڏيل ق??من جي نگراني ۾ راءِ شماري جو گڏيل ق??من جي ??لا??تي ڪائونسل جو واعدو اڃان پورو ناهي ٿيو ڇو ته هندو توا مودي حڪومت نڪ جي پڪائي سان ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن، انساني همدردي جي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ??نوينشن سميت عالمي ڪنويشنز جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ج??گي ڏوهن جي مرتڪب ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ، خاص طور تي گڏيل ق??من کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ج??گي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪشميري ڀارتي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ کي رد ۽ مزاحمت جاري رکي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.