اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ بح??ي معاملن واري وزير سيد علي حيدر زيدي سان گڏ سنڌ سان تعلق ??کن??ڙ قومي اسميبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آفتاب صديقي?? سيف الرحمان، عطاءُ الله، اڪرم چيما، فهيم خان، اسلم خان، عالمگير خان، عبدالشڪور شاد، ڪيپٽن جميل، آفتاب جهانگير، صائمه نديم ۽ نصرت وحيد به موجود هئي. وزيراعظم جي خصوصي مددگار ملڪ محمد عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ڪراچي ۾ جاري وفاقي حڪومت پاران ترقياتي من??وبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.