اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته پرڏيهي آفيس عمران خان کي ڌمڪي وارو پيغام موڪليندڙ ملڪ جي سفارتڪار کي گهر??ئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، چورن مال پِڙي لڳ??ئي آهي، خيبرپختونخوا جي عوام بلدياتي اليڪشن ۾ چورن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽ ٽولو ٻاهرين سازشن ۾ مهري جي طور تي استعمال ٿي رهيو آهي، نواز شريف مودي جهڙن ماڻهن کي شادين تي گهرائيندو هو، مملڪتي وزير ??رخ حبيب اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي، پوري قوم عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، ??رخ حبيب چيو ته عوام ڪرپٽ ٽولي ۽ چورن جي چهرن کي سڃاڻي ورتو آهي، بي اعتمادي رٿ ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي آندي وئي آهي، ٻاهرين طاقت عمران خان کي ڌمڪي وارو پيغام موڪليو جنهن تي پرڏيهي آفيس لاڳاپيل ملڪ جي سفارتڪار کي گهر??ئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر ملڪي خودمختياري ۽ قومي غيرت تي هر قسم جو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان هٿياربند فوج کي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو چيو هو، مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائينداسين، ٻاهرين سازش جو حصو بڻجندڙن کان عوام سوال پڇيندي، هن چيو ته ٻاهرين سازش جي مهرن کي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. عوام اتحادي پارٽين کان به سوا?? ڪري رهي آهي، اسان وٽ ڪيتر??ئي آپشن موجود آهن، هن چيو ته سازش ناڪام ٿيڻ تي مخالف ڌر پريشان آهي، عمران خان قومي غيرت ۽ ملڪي خودمختياري لاءِ ڄمي بيٺل آهي، اسان ڌمڪي واري پيغام جو معاملو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ به اٿاريو، ڪرپٽ سياسي ڄامڙا موجوده دور جا مير جعفر ۽ مير صادق آهن.