اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتماد?? رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتماد?? رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتماد?? رٿ پيش ??رڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتماد?? رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هي?? آهي، هن چيو ته ٻي ??لڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پيدا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سلامتي ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتماد?? رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ??لڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سلامتي ڪميٽي جو موقف واضح آهي.