ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر ع??مر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. ع??مر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي ??سپ??ال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ع??مر لياقت کي جڏهن ??سپ??ال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ع??مر لياقت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو ??روازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بي??وشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس ??سپ??ال منتقل ڪيو ويو ، ع??مر لياقت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات ع??مر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس ??سپ??ال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو ??ندس ڪمري مان رڙ جو ??واز به آيو هو. ڊاڪٽر ع??مر لياقت جي موت جو ??طلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي ع??مر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.