اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ 23 – 2022ع کي پاڪس??ان جي معاشي بهتري ۽ استحڪام طرف ٺوس قدم قرار ڏين??ي چيو آهي ته انتهائي خراب معاشي حالتن ۾ ايتري بهترين بجيٽ اتحادي حڪومت جي اخلاص ۽ قابليت جو مظهر آهي، اتحادي پارٽين جي قائدين، ڪابينا ميمبرن جي قيمتي جويزن ۽ راءِ جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، ملڪ جي ڪاروباري برادري جا به ٿورا مڃان ٿو جن قيمتي تجويزون ڏئي اسان جي رهنمائي ڪئي. ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ 23 – 2022ع ملڪ کي سنگين معاشي بحرانن مان ??ڍڻ جو نسخو آهي، اسان پاڪس??ان کي مشڪلاتن مان ??ڍڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته بجيٽ ۾ سرندي وارن کان قرباني گهري وئي آهي ۽ ڪمزور طبقن کي آساني ڏني وئي آهي. هن چيو ته معاشري جي سرندي وارن طبقن کي مشڪل حالتن ۾ غريبن جي مشڪلاتن جو بار کڻڻ ۾ وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، صنعت، واپار، آءِ ٽي، فلم ۽ ثقافت سميت هر شعبي جي بهتري جي قدمن تي ڌيان ??نو ويو آهي، پهريون ڀيرو زراعت کي ٽيڪس ڇوٽ ملي آهي جنهن سان زراعت ۽ آبادگار کي هڪ نئين معاشي زندگي ملندي، زرعي مشينري، اوزارن، ٻجن کان وٺي ان شعبي سان واڳيل شين ۽ اوزارن کي ٽيڪس کان ??وٽ ڏيڻ سان ملڪ ۾ گرين انقلاب ايندو?? انهن تاريخي قدمن سان نه رڳو جنسن ۽ اسان جي فصلن جي پيداوار وڌندي پر انشاءَ الله ملڪ ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته فلمي صنعت جي بحالي لاءِ ايترو وڏو ريليف ڪنهن حڪومت ناهي ڏنو. وزيراعظم چيو ته هي مالياتي نظم ۽ ضبط، ٽيڪس نظام جي اصلاح، جرئتمنداڻي هدفن ۽ پگهاردار جي آئينه دار بجيٽ آهي?? انڪم ٽيڪس کان ??وٽ ذريعي پگهاردار ۽ گهٽ وسيلن وارن جي آمدني وڌندي، سستو پيٽرول ۽ سستو ڊيزل اسڪيم پورو سال جاري رهندي. هن چيو ته توانائي، تعليم، صحت، روزگار، ڪاروبار تي ڌيان ??نو ويو آهي، شاگردن، نوجوانن ۽ عورتن جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته حڪومت بلوچس??ان جي شاگردن ۽ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان چين دوستي جي عظيم منصوبي سي پيڪ تي ڪم جي رفتار تيز ڪنداسين، سي پيڪ تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز انشاءَ الله پاڪس??ان ۾ روزگار، ڪاروبار ۾ اضافي ۽ غربت جي خاتمي جا مرڪز بڻجندا. هن چيو ته هڪ سال ۾ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي شديد بحرانن مان ??وٽڪارو ڏيارڻ ڪنهن معاشي معجزي کان ??هٽ نه هوندو، اسان سياسي مفاد جو نه سوچيو پر پاڪس??ان ۽ 22 ڪروڙ عوام جي مفاد کي ڏٺو آهي. هن بجيٽ تياري ۾ شريڪ سموري ٽيم خاص طور تي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس سمورن ساٿين کي شاباس ڏني.