اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ??يز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اڀرندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪرڻ جي ??فتار کي تيز ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي ??رقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ۾ قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ??رورتن موجب هنر سيکاري مختصر عرصي ۾ تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، عورتن کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ ش??مل ڪرڻ، مختلف پيشن ۾ نوڪريون فراهم ڪري مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ??رورت آهي، صدر چيو ت?? عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ افرادي قوت جو حصو بڻجن ۽ ڪم ڪنديون رهن، رياست ۽ سماج عورتن جي ??عليم تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان عورتن لاءِ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ ۽ گهرن کان آن لائين خدمتون پيش ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، صدر چيو ت?? عورتن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪيا ويا آهن، ڪاروباري قرضن مان فائدو کڻندڙ عورتن جو تعداد وڌائڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پنهنجي ??هترين انساني وسيلن کي ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيو، بهترين انساني وسيلن جي ??رآمد سان ملڪ ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي کوٽ واقع ٿي، ??لڪ ۾ هنرمند انساني وسيلا برقرار رکڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن، صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو نتيجا خيز پيشيوراڻي زندگي لاءِ علم ۽ هنر سان اعليٰ اخلاقي قدر ۽ معيار اختيار ڪن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غير تعليم يافته غير هنرمند آبادي کي علم ۽ هنر فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ ش??مل ڪرڻ معاشري جي ??عليم يافته طبقن جي ??ضافي ذميداري آهي. صدر چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوجوان نسل جو ڪردار سڀني کان اهم آهي، ??اڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا آهن جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 40 لک پناهگيرن کي 40 سالن تائين پناهه ڏني آهي، ??ن چيو ته گلگت بلتستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ضرروت ان ڳالهه جي ??هي ته ان شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا وڃن ته جيئن ان دولت کي ملڪي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوزيشن هولڊرز ۾ ميڊلز ورهايا.