اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪست??ن جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمب?? ملڪن ۽ مبص?? ملڪن جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمب?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ و??ي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمب?? ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.