اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون ت??ظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪندو، ان ک??نپوءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شنگهائي تعاون ت??ظيم ??ائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون ت??ظيم جي سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.