نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو آهي ته پاڪستان غيرمعمولي ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيز ۽ موثر قدم کنيا آهن، پاڪست??ن جي لاءِ ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي واضح طور تي موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجون مصروفيتون سهيڙيندي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ??يو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا ايندڙ مرحلا درپيش آهن، هي ٻوڏ هڪ وڏي ڪاٿي جو الميو آهي، هن گرمي جي موسم ۾ شديد گرمي پاڪست??ن جي ڪيترن ئي گليشيئرز کي وگهاري ڇڏيو، گرمي جي شدت جي ڪري معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ڪل نقص??ن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو ??ن جي مجموعي گهريلو پيداوار جو 10 سيڪڙو آهي، ملڪ جو ٽيون حصو هن وقت پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ سان 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 7 هزار ڪلوميٽر رستا، 300 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. هن ??يو ته پاڪست??ن جي گلوبل گرين هائوس گئس ۾ حصيداري 0.8 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي سڀ کان وڌيڪ شڪار 10 ملڪن ۾ ش??مل ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته پاڪستان ٻوڏ جو پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر کي بهتر طريقي سان ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ قدرتي آفتن جو مقابلو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير ??يو ته 30 آگسٽ تي گڏيل قومن ۽ پاڪست??ن جي وچ ۾ 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل کي اپ گريڊ ۽ نقص??ن جو ڪاٿو مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته عالمي برادري جا انساني حقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغان عبوري حڪومت سان رابطا ضروري آهن جن ۾ عورتن جي حقن، سياسي شموليت ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف موثر ۽ ٺوس ڪارروائي ش??مل ??هي. هن ??يو ته پاڪستان عورتن جي تعليم جي بنيادي حق سان گڏ بيٺل ??هي. بلاول ڀٽو زرداري 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيراخلاقي قدم، وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير کي غيرقانوني طور تي ڀارت ۾ ضم ڪرڻ جي قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ??يو ته ڀارتي حڪومت سمورين ڌرين جي لاءِ قابل قبول پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سياسي جڳهه کي ختم ڪري ڇڏيو ??هي.