اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي نائب صدر ??ريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي سزا خلاف اپيلن جي منظوري جو حڪم نامو جاري ڪندي کين ايون فيلڊ ريفرنس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت طرفان ٻن صفحن تي ٻڌل لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف اپيل??ن منظور ڪيون ويون آهن، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا جو احتساب عدالت جو حڪم غي?? قانوني قرار ڏنو ويو آهي، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي سمورن الزامن مان بري ڪيو وڃي ٿو، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي اپيلن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.