اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ س??ي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ ??ني?? کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به ??بول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به ??ختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀارت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ س??ي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي س??ي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به ??ختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.