اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انه?? جي مد?? تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه ??هي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستا?? جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪ?? جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ تعاو?? جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مد?? ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي اصول?? جي بنياد تي علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستا?? جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انه?? جي مد?? تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوشش?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته ا??ي ??ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منه?? ڏيڻ ۾ مد?? ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ا?? جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مد?? ملي سگهي. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيال?? جي ڏي وٺ ڪن ٿا.