اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عالمي سطح تي ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ جي تباهين ??ي هڪ مثال جي طور تي ??يش ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان واع??ن کي عملي شڪل ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ڪوپ – 27 ۾ اعليٰ سطح تي ??اڪ??تان ۾ ٻوڏ جي تباهين ??ي هڪ مثال جي طور تي ??يش ڪيو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن ملڪ کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن عالمي اڳواڻن جو ڌيان وڏي پئماني تي ??الياتي خال کي پورو ڪرڻ، زيان ۽ نقصان کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت طرف ڇڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون دنيا تي زور ڏنو ته ??ها موسمياتي تبديلي جي واضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي واع??ن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي. هي صورتحال موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي خلاف صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي رخ ۾ تبديلي جي گهرج ڪري ٿي.