اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيوروڪريسي کي ڪارڪردگي ۽ پهچ کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانه?? ۽ ??ٺتي پيل علائقن تائين وڌائڻ ۽ ماڻهن کي انهن جي درن تي بنيادي خدمتن جي معياري ۽ تيز ??ر فراهمي کي ??قيني بڻائيندي خدمت تي ٻڌل شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بنا ڪنهن پريشاني جي تيز رفتار خدمتن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري عوام کي ريليف فاهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ 117 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو جن ۾ مختلف سروسز ۽ پيشيواراڻي گروپن جا سينيئر سرڪاري ملازم شامل هئا. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر چيو ته بيوروڪريسي کي ??نهنجون توانائيون، صلاحيتون، علم ۽ مهارت کي ??اڪستاني عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ لڳائڻ گهرج?? ۽ ??لڪ جي سمورن حصن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي ماڻهن تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ گه??جي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي سان وابستگي بيوروڪريسي جو مرڪزي ٿنڀ هجڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اڪثر وقت پئسو نه پر روين ۾ تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. صدر مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز جي مدد سان ان جي دير، ڪارڪردگي ۽ نتيجن ۾ غيرمعمولي اضافي جي لاءِ پاڪستان جي بيوروڪريٽڪ عمل جو جائزو وٺڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته بيوروڪريسي کي ??سئلن کي ??شاندهي ڪرڻ، ماضي جي ڪامياب تجربن تي غورڪرڻ، سڄي دنيا جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مقرر ٽائيم لائين سان گڏ اهم ڪارڪردگي جا گولز جوڙي مسئلن جو حل فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي آبادي ۾ اضافي جو چئلينج درپيش آهي، جيڪو ان جي محدود وسيلن تي ز??ردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي جڏهن ته آئوٽ آف باڪس آئيڊياز ۽ حل اسان جي آبادي ۾ اضافي کي بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ ۽ ان آبادي کي ??عاشي ۽ مالياتي اثاثي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته جيتوڻيڪ صوبن پنهنجي بجيٽ جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ تعليم تي خرچ ڪيو تنهن هوندي به تعليمي خدمتن جي معيار ۽ ڪاٿي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. هن موجوده اسڪولن جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ نئين سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ سول بيوروڪريسي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي ۽ سازگار حالتون انهن کي ??عاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهن ٿيون ۽ انهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کي ??قيني بڻائيندا. هن دماغي ۽ نفسياتي مرض?? ۽ ??سئلن جي صورتحال تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته اسان جي 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن. هن معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا کي خاص طور تي آءِ ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي نوجوانن کي گهربل علم، تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو انهن کي ??ڪ اعليٰ پيداواري انساني وسيلن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته سڄي دنيا جي تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام معيار ۽ لاڳت جي لحاظ کان وڌيڪ موثر آهي. هن وڌيڪ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن کي گهرجي ته اهي هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام جي بهترين طريقن کي استعمال ۾ آڻين ته جيئن تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن تائين پهچ کي ??ڌائي سگهجي. صدر انصاف جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي جنهن سان ماڻهن کي ??وري ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.