اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي سطح تي هڪ ٺوس، موثر ۽ معياري ذهني ۽ نفسياتي صحت جي ??يلپ لائين قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي ??سئلن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ وفاقي ۽ صوبائي ??طحن تي هڪ ٺوس ۽ هڪ جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي حصيداري ضروري آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري، نيشنل ڪميشن فا?? هيومن رائيٽس، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي سميت ٻين تنظيمن جي ??مائندن کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي صحت ۽ تندرستي بابت وفاقي ۽ صوبائي ??طح تي ۽ نجي شعبي ۾ قدم کنيا ويا آهن، سمورن وسيلن ۽ قدمن کي هڪ قومي هيلپ لائين ٺاهڻ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته دماغي صحت فراهم ڪندڙ ادارن ۽ پروفيشنلز جي ڊيٽابيس ٺاهي وڃي، پاڪستانين جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي سرڪاري ۽ نجي شعبن جي ??چ ۾ حصيداري جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پهرين قومي ذهني صحت جي ??يلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ شروع ڪرڻ جي ??اءِ 45 ملين رپين جي ??الي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ نوان رستا ڳوليا وڃن، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ فعال ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ٺوس آگاهي مهم هلائڻ گهرجي. صدر قومي ذهني صحت جي ??يلپ لائين جو ماڊل تيار ڪرڻ جي ??دم کي ساراهيو. هن چيو ته ايڇ اي سي، يونيورسٽين ۽ تدريسي اسپتالن کي دماغي صحت جي تعليم ۾ داخلا جي حوصلا افزائي جي ??اءِ اضافي سيٽون پيدا ڪرڻ گهرجن ته جيئن معاشري ۾ ذهني صحت جي ??ڌندڙ مسئلن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ نفسياتي ماهرن ۽ سائيڪاٽرسٽ تيار ڪري سگهجن. هن چيو ته نيشنل هيلپ لائين جي انتظاميا آخري سال جي شاگردن کي نفسياتي شعبن ۾ ڇهن مهينن جي انٽرنشپ جي ??اءِ شامل ڪرڻ تي پڻ غور ڪري سگهي ٿي ته جيئن هيلپ لائين جو استعمال ڪندڙ مريضن کي مشاورت فراهم ڪري سگهجي. صدر گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ خودڪشي جي بلند شرح جو نوٽيس وٺندي چيو ته ايتري وڌيڪ شرح جا سبب ڄاڻڻ جي ??اءِ هڪ جامع مطالعو ڪرڻ ۽ ان رجحان کي روڪڻ جي ??اءِ اڳ ۾ مشاورت ۽ ??دا??ڪ جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان رجحان جو مڪمل طور تي خات??و ڪري سگهجي. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پاليٿا گناراٿنا مهيپالا وفاقي ۽ صوبائي ??طحن تي بنيادي، ثانوي ۽ اعليٰ صحت جي ادارن کي ٺوس نظام جو حصو بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته صحت جو عالمي ادارو منصوبي کي شروع ڪرڻ جي ??اءِ 50 لک رپين جي شروعاتي رقم فراهم ڪندو. صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته معاشري ۾ ذهني صحت جي بهتري لاءِ هڪ پائيدار پروگرام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سطح جي ذهني صحت جي ??يلپ لائين جو ماڊل تيار ڪرڻ ۾ صدر جي رهنمائي ۽ ڪميٽي جي ڪوششن تي ٿورا مڃيا.