اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڊونيشيا ج?? دوري جي موقعي تي بالي ۾ بوسنيا هرزيگوينا ج?? پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويڪ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خميس ڏينه?? ٿيندڙ ملاقات ۾ مخ??لف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي سگهه کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.