اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ?? ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن ??ي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ ??ان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻهن ??ي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن کي هلندڙ سرديءَ جي موسم ?? ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ??ه اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، ا??ان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.