اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوس??ئٽ?? جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان مل??قا?? دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قا?? ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوس??ئٽ?? جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪومت سان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوس??ئٽ?? پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوس??ئٽ?? جي ڪردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.