اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳا??هيون ڪري رهيا آهيون، پاڪس??ان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقص??ن پهچايو آهي پر پاڪس??ان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن پاڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي معيشت ۽ افغانس??ان جي صورتحال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دفاع وارو وفاقي وزير سياسي تناظر ۾ ڳا??هه ڪري رهيو آهي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان کي بدترين معاشي بحران درپيش آهي، پاڪس??ان جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ وار?? پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي، ٻوڏ پاڪس??ان جي معيشت جو رخ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪس??ان اڃا تائين مشڪلاتن مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ انهي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳا??هيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي ??ان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خان جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي جنهن ۾ جمهوري عمل ج?? پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جمهوري انداز اختيار ڪري واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جمهوري رستي جي چونڊ نه ٿو ڪري ته پوءِ ان جو ڪو سياسي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اس??ن پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ان جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذاريو آهي. هن چيو ته اها ڳا??هه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته پاڪس??ان جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت رهيو آهي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي رهيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪس??ان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿيو آهي ۽ افغانس??ان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اس??ن پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ افغانس??ان مان خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.