اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي ان??ن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته سخت محنت ??ملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ ان??ن کي ٻڌايو ته ايوان صدر اصل ۾ ان??ن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت ??ي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ ان??ن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.