اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي محمد شهاب الدين کي بنگلاديش جي 22 هين صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدر هڪ ٽوئيٽ ۾ بنگلاديش جي نئين چونڊيل صدر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مون کي يقين آهي ته ان جي صدارت جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته آ??ون توهان جي عهدي ۾ تمام گهڻي ڪامياب مدي جي خواهش ڪريان ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.