اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ها??وسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 40680 ملين رپين جي ??قم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب ها??وسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري منصوبن جي لاءِ 13858.266 ملين رپين جي ??قم رکي وئي آهي جڏهن ته نئين منصوبن جي لاءِ 26821.734 ملين رپين جي ??قم رکي وئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران مليل دستاويز موجب نئين مالي سال ۾ ها??وسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 37605.593 ملين رپيا آهي جڏهن ته جاري منصوبن جي مجموعي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 81556.749 ملين رپيا آهي.