اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ا??) جي سمورن ميمبر ملڪن ??ي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي ??ميت هر قسم جي دهشتگردي کي پوري عزم سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، ”ڪنيڪٽيويٽي“ کي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي ا??ميت حاصل ٿي وئي آهي، ان جي فروغ ??ي ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ترقي يافته ملڪن کي ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي ا?? اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تنظيم جو آن لائين اجلاس ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيو جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي پڻ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ا??ندڙ اجلاس ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس سي ا?? اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا کي معاشي ۽ سلامتي جو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم کي ا??ن، استحڪام، سلامتي ۽ ترقي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنيڪٽيويٽي جديد عالمي معيشت ۾ وڏي ا??ميت اختيار ڪري چڪي آهي. ڪنيڪٽيويٽي جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي تعمير ذريعي معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن سي پيڪ کي معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو ته اهو بيلٽ ۽ روڊ جو اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت خصوصي ا??تصادي ??ونز قائم ڪيا پيا وڃن، جيڪي بندرگاهن سان گڏ ڳنڍيل هوندا. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي مڪمل ٿيڻ تي مواصلات بابت ايس سي ا?? اجلاس جي ميزباني ڪندو۔ وزيراعظم زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي دهشتگردي ??ي خلاف پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردي ??ي معاملي تي ڊپلوميٽڪ پوائنٽ اس??ورنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ رياستي دهشتگردي ??ميت هر قسم جي دهشتگردي ??ي مذمت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ??و ڪو به جواز نه بڻجي سگهي. هن سياسي ا??جنڊا تحت مذهبي ا??ليتن کي نشانو بڻائڻ جي به مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ا??تهاپسندي ??ي خاتمي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي ??ي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن، تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن ??ي ذميواري آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي مدد لاءِ اڳتي وڌي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو ۽ اهو شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ به ضروري آهي. هن چيو ته ايس سي ا?? افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. هن ماحولياتي تبديلي کي ا??م مس??لو قرار ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان گذريل سال ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو. ٻوڏ سبب سوين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم توانائي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عالمي مس??لو قرار ڏيندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ به عالمي برادري کي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.