اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سان حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور ت?? جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگير ڪئ??پ ۾ اسرائيل?? فضائي ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر اهي ماڻهو گوشت ۽ رت سان ٺهيل انس??ن آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل?? فضائي حملن سان هزارين پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ضمير ک?? جنجهوڙيندا رهندا.