اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پ??رل??امينٽ جي اڄ ٿيندڙ گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ويندي، پ??رل??امينٽ جي فورم تان دنيا کي اسلام ۽ ٻين مذهبن جي احترام جو پيغام ڏنو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف به پ??رل??امينٽ کي خطاب ڪندو، قومي احساسن جي ترجماني ڪندي اهڙ?? افسوسناڪ واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندو. جڏهن ته سڀاڻي جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قرآن تقدس ڏهاڙو ملهايو ويندو. سوئيڊن واقعي تي ملڪ گير احتجاج ۽ ريليون نڪرنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم سمورين پارٽين ۽ قوم کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي. ??فا??ي وزير چيو ته ”آئون مذمت ڪريان ٿو“ مهم به شروع ڪئي وئي آهي، قوم خاص طور تي نوجوان ان ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ قرآن تقدس ڏهاڙي کي هڪ تحريڪ ۾ بدلائين.