اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽي?? لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته ا??ٽي?? لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان ا??ڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون ا??شورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان ا??ڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان ا??ڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽي?? لائيف انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽي?? لائيف کي ٻن پاليسي هولڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽي?? لائيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون، ??اليسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن ا??شورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽي?? لائيف سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان ا??ڪار ڪيو ويو، اسٽي?? لائيف کين ا?? بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان ا??ڪار ڪيو ت?? هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، ??اليسي هولڊرز انشورنس کان پهرين ا??هن بيمارين جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽي?? لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ت?? ميڊيڪل آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته ا??ٽي?? لائيف ادائيگين کان ا??ڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته ا??ٽي?? لائيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽي?? لائيف انشورنس کان پهرين بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته ا??ٽي?? لائيف لاڳاپيل خاندان جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته ا??ٽي?? لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي باري ۾ انشورنس پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.