اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي نائب وزي??اع??م ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف چين جي نائب وزي??اع??م هي لي فينگ جو وزي??اع??م هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزي??اع??م هي لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي نائب وزي??اع??م جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي نائب وزي??اع??م هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته پ??ڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف چين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيني نائب وزي??اع??م هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار واري وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزي??اع??م جو خا?? معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.