اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته قانون کي ڌوڪو ڏئي ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي بچاءَ ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ا?? جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، پرامن احتجاج ڪنهن به سياسي جماعت يا ڪارڪن جو جمهوري حق آهي، پي ٽي آءِ چيئرمي?? جي گرفتاري تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو، عوام کي هر ڀيري بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عدالتون موجود آهن، الزامن جو جواب ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي. بي بي سي ورلڊ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمي?? جي موجوده گرفتاري جو پاڪستا?? جي سياست سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي هي سياسي انتقام جي ڪا ڪارروائي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ۾ سمورا مرحلا پورا ٿيا، ٽرائل ڪورٽ فيصلو ڏنو جنهن تي کيس گرفتار ڪ??و ويو. ان ڪري ان جو سياست ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي دفاع ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان تي الزام هو ته هن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان کان رياستي تحفن بابت پڇ??و ويو ته هو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو. ان کان علاوه وڌيڪ 4 ڪيس 19 ڪروڙ برطانوي پائونڊ?? جي چوري، سائفر، 9 مئي جي سانحي ۽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به ٽرائل ڪورٽ ۾ آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي شخص کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي جنهن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خا?? جي گرفتاري جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، ا?? جي گرفتاري عدالتي حڪمن تي ٿي آهي. هن چيو ته جڏهن 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي گرفتار ڪ??و ويو هو ته چونڊون بلڪل ويجهو هيون، کيس ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪري جيل موڪل??و ويو هو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ سڀني سياسي حريفن کي جيلن ۾ وڌو. هن پنهنجي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو، پر اسان ايئن نه ڪيو. هن چيو ته عدالتون موجود آهن، قانون پنهنجو رستو پاڻ بڻايو ۽ عمران خان قانون کان ڀڄندو رهيو. هو عدالت جي سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته اسان ڏٺو آهي ته جڏهن به عدالت کيس طلب ڪيو ته زمان پارڪ ۾ صورتحال خراب ٿي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪ??و ويو، پوءِ 9 مئي جو سانحو پڻ ڏٺو، هن شخص 15 مهينن ت??ئين قانون کان فراريت اختيار ڪئي. هن چيو ته جڏهن عدالت ڏٺو ته ڪنهن به شڪ شبهي کان سواءِ بدديانتي ثابت ٿي وئي ته هن پنهنجو فيصلو جاري ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته قانون ۾ پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻو پوي ٿو، ان جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. عمران خان 9 مئي جي منصوبا بندي ڪئي، حسا?? ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، قومي ٺڪاڻن، اسپتالن، ايمبولينسن کي باهيون ڏياريون، هن چيو ته ڪيپي??ل هل تي به حملا ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن کي سزا ملي چڪي آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو عدالت ۾ ڏوهي ثابت ٿي چڪو آهي. ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ جاچ جو عمل مڪمل ٿيو. عمران خان کي 40 پيشين ذريعي ڪافي موقعا ڏنا ويا پر هو فقط 3 پيشين تي پيش ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عمران خا?? جي گرفتاري جي ڀيٽ نواز شريف سان نه ٿي ڪري سگهجي. جڏهن ته نواز شريف تي الزام هو ته هو پنهنجي دفاع ۾ پيش ٿيو. نيب جون 150 پيشيون ڀوڳيون، حسا?? ٺڪاڻن کي باهيون نه ڏنيون ۽ نه ئي ڪنهن ايمبولينس، اسپتال، مسجد يا اسڪول کي ساڙيو. هن چيو ته نواز شريف تي جڏهن به الزام لڳو ته هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو. هن چيو ته قانون کي ڌوڪو ڏئي هيٺاهون ڏيکاري ۽ ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام کي هر ڀيري اوندهه ۾ نٿو رکي سگهجي. عمران خان قانون کان بچڻ لاءِ تشدد کي هوا ڏني، پنهنجي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو، پوليس، رينجرز ۽ رياستي ادارن تي حملي آور ٿيو. ٻارن ۽ عورتن کي ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ته اسان کي قومي مفادن تي واضح لڪير ڪڍڻي پوندي آهي. جڏهن ته ڪيپي??ل هل تي حملو ٿيو، جيڪو به ان ۾ ملوث هو ان کي سزا ڏني وئي. ان لاءِ قومي مفاد ۽ حسا?? ٺڪاڻن تي حمل?? جي معاملي ۾ واضح فرق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان ت??ليم ڪيو آهي ته هي سڀ ا?? جي هدايتن تي ٿيو. عمران خان 9 مئي جي هن پوري واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي، ان لاءِ هيئن نه ٿو چئي سگهجي ته ڪريڪ ڊائون ڪنهن سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، هن پارليامينٽ جون پهرين 2 صفو?? جيل ۾ بند هيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عمران خا?? جي گرفتاري ۾ سياسي پهلو جي عنصر کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن سياسي طرز عمل عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ مان پنهنجي دفاع سان نه روڪيو. عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ جي 40 پيشين ۾ ثبوت پيش ڪرڻ گهرجي ها پر هو چئي چڪو آهي ته کيس خبر ئي ناهي، جڏهن ان کان رياستي تحفن جو پڇون ٿا ته هو چوي ٿو ته ملٽري سيڪريٽري کي خبر هوندي، اهو ئي منهنجي تحفن کي خريد ۽ وڪرو ڪندو هو. جڏهن 190 ملين پائونڊن جو پڇ??و وڃي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي ڪابينه جوابده هئڻ گهرجي، جڏهن 9 مئي جي فسادن جو پڇو ويو ته چوي ٿو ته منهنجي ڪارڪنن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ئي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جڏهن معيشت جو پڇ??و ويو ته چوي ٿو ته مون وٽ ٽيم سٺي نه هئي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم هو ان وٽ اختيار هو هن ذاتي حيثيت سان رياستي تحفه خريد ڪيا ۽ کين پنهنجي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو. کيس ڪنهن روڪيو هو ته هي تحفه ظاهر نه ڪري. جيڪڏهن سڄو معاملو شفاف هجي ها ته سڀ ڪجهه اثاثه ظاهر ڪرڻ واري فارم ۾ موجود هجي ها. وفاقي وزير چيو ته عمران خان پهرين ت??فه وڪرو ڪيا ۽ ان کان پوءِ خريد ڪيا. هن وٽ رسيدون به ناهن. هن چيو ته عمران خا?? جي گرفتاري سياسي ناهي، عمران خان ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو. ا?? جي چوري ثابت ٿي انهي لاءِ کيس گرفتار ڪ??و ويو. عمران خا?? جي گرفتاري تي ڪارڪن?? جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ماڻهن کي بار بار بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، پاڪستان جو عوام ڄاڻي چڪو آهي ته عمران خان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو. عوام کي خبر آهي ته سياسي استحصال ۽ انتقام ڇا ٿيندو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي اوهان هر شخص کي هر ڀيري دوکو نٿا ڏئي سگهو. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان کي گرفتار ڪ??و ويو آهي ڪو به احتجاج ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. هاڻي هو جيل م آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته کين احتجاج ڪرڻ جي آزادي آهي پر اسان ڪنهن کي به روڊن تي نه ڏٺو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي احتجاجن تي گرفتار نٿا ڪيون، اسان هڪ واضح فرق رکيو آهي، اسان عمران خان وانگر فاشسٽ حڪومت ناهي ڪئي، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جا متاثرن مان آهيون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن عمران خان وزيراعظم هو ته پارليامينٽ جي بئنچن تي پهريون ٻه صفو?? جيلن پٺيان هيون، ان وقت عمران خان کي عالمي تنظيمن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن هن تنظيمن اظهار راءِ جي آزادي جي معاملي ۾ اسا?? جي دور ۾ پاڪستا?? جي ريٽنگ 7 درجا بهتر ٿي آهي. هن چيو ته عمران خا?? جي دور ۾ پوري اپوزيش?? جيلن ۾ هئي، اسان ڪنهن اسپتال يا اسڪول تي حملو نه ڪيو. اسان جا ميلن ت??ئين ڊگها پرامن احتجاج ٿيندا هئا پر اسان ڪنهن به عمارت، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ايمبولينس، اسڪولن، ۽ اسپتالن تي حملا ٿيندي نه ڏٺا. هن چيو ته هي نئون رجحان آهي مون پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪنهن سياسي پارٽي پيٽرول بمن جو استعمال ڪيو.