راولپنڊي-06 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته صرف پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪ??هن به دهشتگرد گروهه يا جٿي سان نه ڳالهيون نه ڪيون وينديون، اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي، جن ان دين کي دهشتگر??يء?? جي ور چاڙهيو ا??هن کي جواب ڏينو پوندو. افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پاڪستان جي قانونن مطابق رهڻو پوندو. هو پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق پنهنجي خط??ب ۾ آرمي چيف چيو ته فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ۽ پاڪستان جو عوام هڪ آهن جيڪي ماڻهو امن کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان مان ناهن. هن چيو ته پاڪستاني فوج شهيدن جي فوج آهي ج??هن جو نعرو آهي ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله. اسان اوهان مان آهيون ۽ اوهان اسان مان آهيو. پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي بڻجندڙ ٻي رياست آهي. افغان حڪومت ??ي مخاطب ٿيندي آرمي چيف چيو ته ڇا احسان جو بدلو احسان کان علاوه ڪجهه ٻيو ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ حاڪ??يت صرف الله جي آهي، هي خوارج ڪهڙي شريعت آڻڻ چاهين ٿا؟ هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگر??يء?? خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي. هن چيو ته دهشتگردن وٽ رياست آڏو سر تسليم ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي، اسان الله جي رستي ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي، انشاءَ الله. هن چيو ته پاڪ فوج جو مقصد ۽ نصب العين شهيد يا غازي آهي. هن چيو ته ڪي پي پوليس هڪ شاندار فورس آهي ۽ ان جون بي پناهه قربانيون آهن، پاڪستان حڪومت جي منظوريءَ کانپوءِ قبيلن جي ضم ٿيڻ جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو. اسان ضم ٿيل قبائلي عوام جي معاشي ترقيءَ جي حوالي سان ترقياتي منصوبن ۾ ا??هن جي شرڪت يقيني بڻائينداسين. آرمي چيف چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي ڪري نَون ضم ٿيلن ضلعن ۾ 81 ارب رپين جي ماليات جا ترقياتي ۽ فلاح بهبود جا منصوبا شروع ڪيا ويندا. ڪي پي ڪي حڪومت سان ملي نَون ضم ٿيل ضلعن ۾ پوليس جي 43 منصوبن کي 7 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ 54 زيرِ تعمير منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ ۾ سموري مدد فراهم ڪئي ويندي. قبائلي مشيرن چيو ته قبائلي عوام فوج سان گڏ هئي ۽ فوج سان رهندي، آخر ۾ قبائلي مشيرن ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ س??يت امن لاءِ خصوصي دُعا ڪئي.