اسلام آباد_26 آگسٽ(اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ جو بجلي جي اگهن جي حوالي سان هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، وزير اعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل يان موجب وزيراعظم اسلام آباد ۾ بجلي جي اگهه ۽ صارفين جي بلن تي هنگامي اجلاس (اڄ) آچر تي طلب ڪيو آهي، وزيراعظم توانائي واري وزارت ۽ تقسيم ڪار ڪمپنين کي ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ صارفين کي بجلي جي بلن جي حوالي س??ن وڌ ک??ن وڌ ريليف ڏيڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.