لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ ي??ٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي روانڊا جي نوجوانن جي معاملن ??اري وزير ڊاڪٽر عبدالله اتومت وشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جا گڏ??ل موقعا ڳولڻ ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مجموعي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.