نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول ??يدا ڪرڻ تي آهي، حڪومت آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائ??نس?? جي تجويزن جي آ??يان ڪندي، پاڪستان ۾ پرڏي??ي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائ??نس?? جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول ??يدا ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آ??يان ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏي??ي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏي??ي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائ??نس?? جوڙي آهي. نگران وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائ??نس?? جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگران وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائ??نس?? پاڪستان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.