اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چون??ون منعقد ڪرڻ جي ذميواري ??ليڪشن ڪميشن جي آهي، نگران حڪومت چون??ون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام انتهائي ضروري ??هي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن واعدي موجب جنوري ??ي آ??ري هفتي ۾ چون??ون ڪرائيندي.