اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قو??ي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قو??ي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ??شر?? ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قو??ي اسيمبلي جي رول آف ميبمرز تي اهي اميدوار صحيح ڪندا جن کي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپيڪر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قو??ي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ??يڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ اميدوارن جي حتمي ف??رس?? جاري ڪندي. نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جمعي تي ٿيندي.