اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ??يا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سان ترڪ سيڙپڪار وفد ??لاقات ڪئي. ترڪ وفد ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪند?? وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ??يا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاق?? وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد ??اڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني ت?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.