اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع جي منظوري آئين جي ??رٽيڪل 75 تحت ڏني. ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ترميمي بل جي ??ريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي ??يڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43 بي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع جي ??يڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي ??ريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي ??يڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو. صدر ترميمي بل جي منظوري وزيراعظم جي ??يڊوائيس تي ڏني.