اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان 16 مئي تائين عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو ??ورو ڪندو، جٿي هو چيني پرڏيهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ سي سان پنجين پاڪ چين وزيرڏيهي اس??ري??جڪ لڳاپن جي گڏيل صدارت ڪندو، پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ڌريون اقتصادي ۽ واپاري سهڪار، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل رابطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳاپن جو ??امع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳواڻ علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اس??ري??جڪ ڊائيلاگ جي موقعي تي نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو، نائب وزير اعظم جو ??ورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو ??صو آهي، اهو دورو” آل ويدر اس??ري??جڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، بنيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ،سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪر ي ٿو.