اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستق??ل جي لاءِ ٻارن جي بهترين واڌ??يج??ه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين واڌ??يج??ه جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن ??ي واڌ??يج??ه ۾ گهٽتائي جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻارن ??ي واڌ??يج??ه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي واڌ??يج??ه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجل??س کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌ??يج??ه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن ??ي واڌ??يج??ه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجل??س کي انهن سببن جي خاتمي لاءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجل??س کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.