اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار ??يراني صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي تازي دوري دوران مرحوم ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪ ايران لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ??دا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار چيو ت?? ايراني قوم جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم اڳواڻن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.