بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سولر پينلز ۽ وائي ٽو او ٽريڪٽرز تيار ڪرڻ جي منصوبي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حو??لي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حو??لي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سولر پينلز جي تياري جي حو??لي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. جڏهن ته وائي ٽو او ٽريڪٽرز تيار ڪرڻ جي منصوبي جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي حبيب رف??ق لميٽيڊ ۽ بيجنگ گلوبل هائيڊروجن انڊسٽريز ڪمپني لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان جي سيڙپڪاري بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽرڪچرل اڪنامڪس، پيڪنگ يونيورسٽي جي وچ ۾ سي پيڪ ??ي فروغ جي حو??لي سان مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.